جت جر وهي ٿو جال ڪتاب جو ٽائيٽل

جت جر وهي ٿو جال ڪتاب جو ٽائيٽل

جت جر وهي ٿو جال

جت جر وهي ٿو جال (ڪتاب ):ملائيشيا جي هن سفرنامي جو ليکڪ جڳ مشهور سياح ۽ ليکڪ الطاف شيخ آهي، ڪتاب ۾ ڪوالالمپور، پنيانگ سميت اهم شهرن جو تفصيلي ذڪر ٿيل آهي. ڪتاب کي 14 مختلف موضوعن ۾ ورهائي لکيو ويو آهي، ان سان گڏ رنگين تصويرون پڻ شامل آهن، جيڪي ملائيشيا جي خوبصورتيءَ جو ثبوت ڏيندڙ آهن. ڪتاب بابت مهاڳ عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي. الطاف شيخ خود به نئين وڌايل ڇاپي بابت ڪجهه لفظ لکيا آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل تي خوبصورت گهڻ ماڙ عمارت ۽ ٽاور جي تصوير ڏنل آهي، پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊياري سال 1999ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ 205 صفحا آهن ۽ قيمت 150 روپيا آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو